Posts

Showing posts from January, 2021

42 Inspirational Quotes About Life

Image
42 Inspirational Quotes about Life and Struggle i Compiled Best Life's Quotes.

ڇا نادرا چيئرمين عدالتن،اسمبلين.قانون،ادارن کان مٿاهون آهي؟

ڇا نادرا چيئرمين عدالتن،اسمبلين.قانون،ادارن کان  مٿاهون آهي؟   گذريل ڏينهن ڪراچي لکين غير قانوني طور ترسيل ڌارين ماڻهن کي بنا تصديق جي شناختي ڪارڊن جو اجراءِ شروع ٿي چڪو آهي،اهو سڀ ڪم نادرا چيئرمين عثمان مبين جي خاص مهربانين سان سر انجام ڏنو پيو وڃي جنهن نادرا جي قانونن کي باءِ پاس ڪندي ڪراچي لاءِ خاص هدايتون جاري ڪيون آهن جتي عملي کي صبح 9 بجي کان رات 9 بجي تائين مسلسل ڪارڊ جاري ڪرڻ جا احڪام جاري ڪيا ويا آهن،ياد رهي ته ساڳئي چيئرمين عثمان مبين کي سندس انهي مشڪوڪ سرگرمين ۽ قانون کان مٿانهن عملن سبب گذريل گهرو وزير جي دور م سندس عهدي تان فارغ ڪيو ويو هو هاڻي جيڪڏهن اها مهم جيڪا مڪمل طور ڪنهن خاص اشارن تي ذاتي،سياسي،مافيائي مفادن تحت اداري کي استعمال ڪندي شروع ڪئي وئي آهي جنهن سان ڪجه ئي عرصي اندر ڪراچي سميت ملڪ م رهندڙ لکين غير قانوني آباد ٻاهرين ملڪن جي شهرين کي پاڪستاني شهريت ڏئي ڇڏيندي،اهي به رپورٽون آيون آهن ته ڪراچي مان چئن ڊپٽي ڊاريڪٽرن کي عهدن تان برطرف ڪيو ويو آهي انهن جو ڏوه اهو هو ته هنن پرڏيهين کي ڇنڊڇاڻ بنا ڪارڊ جاري ڪرڻ واري مذڪورا چيئرمين جي اهڙي نادري حڪمن کي لکت...

سنڌ جي سياست کي لسانيت جي باھ کان بچايو

Image
  سنڌ جي سياست کي لسانيت جي باھ  کان بچايو هينئر جڏهن اليڪشن مٿان آهي ته ملڪ جيان سنڌ جي سياسي  ماحول م به گرما گرمي وڌندي پئي وڃي،سڄي سنڌ م جتي پ پ پ خلاف پاڳاري جي سربراهي م گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس سندرا ٻڌي اليڪشن جو ميدان سجائڻ جي تيارين م آهي ته اتي وري سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي سياست م دلچسپ صورتحال اختيار ڪندي پئي وڃي، ڪراچي  سميت شهرن م آباد اردو آبادي جيڪا ماضي م ايم ڪيو ايم.جي وجود کان اڳ م  ته مذهبي جماعتن جي اثر هيٺ رهي پر ضيائي آمريت دوران ايم ڪيو ايم کي نسلي بنيادن تي ٺاهي اهو سڄو اردو آبادي جو ووٽ بئنڪ بلينڪ چئڪ جيان سندن جهولي م وڌو ويو ۽ انهن پنهنجي سياست جا بنياد ئي نسل پرستي ۽ مهاجر ڪارڊ سان وڌا جن سنڌ جي شهري علائقن م اردو آبادي کي هٿرادو خوف م مبتلا احساس محرومي،بنيادي حقوق جي پامالي جا راڳ آلاپي پنهنجي طرف ڪيو ۽ سنڌ م تشدد ۽ نفرت جي سياست جا بنياد وڌا  ايم ڪيو ايم جي ماضي کي ڏسجي ته  1988ع کان وٺي 2013 تائين هو لڳ ڀڳ هر حڪومت سان اقتدار جي ڪرسي تي براجمان رهندي آئي آهي ۽ صوبائي توڙي وفاقي حڪومتن کان من مانين وسيلي پنهنجا مطالبا...

دهشتگردي،سنڌ ۽ حڪومتي بي حسي

Image
دهشتگردي،سنڌ ۽ حڪومتي بي حسي   مون نه ائين ڪو ڄاتو هو سنڌڙي اهڙا ڏينهن به ڏسندي... قلندر جي درگاه تي ٿيل حملي بعد سنڏ وري سوڳ م وٺجي وئي آهي اها سنڌ جنهن جي سڃاڻپ صوفين جي نگري طور دنيا م مشهور آهي سا اڄ دهشتگردن جي نشاني تي آيل آهي گذريل ڪجه سالن کان هتي جي درگاهن تي هي حملا شروع ٿيا اهي درگاهون جتي محبت جا درس انسانيت سان پيار جي پرچار ڪئي پئي وئي هوئن ته سڄو ملڪ انهي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي لپيٽ ۾ هو پر سنڌ ئي اهو واحد صوبو هو جيڪو مذهبي دهشتگردي کان پاڪ هو ۽ پنهنجي صوفياڻي مزاج ۽ روين سبب سنڌي ماڻهن مذهبي ڪٽرپڻي ۽ تنگ نظري تشدد واري سوچ کي پنهنجي سماج م جاءِ نه پئي ڏني،  هي درگاهون هي مجلسون مذهبي ڪٽرپڻي خلاف هڪ وڏو مورچو آهي ڇو ته هتي ايندڙ ماڻهو مذهبن فرقن کان بالاتر ٿي روحاني سڪون لاءِاچن ٿا اڄ به قلندر جي ميندي هندو کڻي ايندا آهن اڄبه اڏيري لال م مسجد مندر لڳ لڳ آهن  اڄ به ٺٺي م وچ شهر م مسجد ۽ مندر وچ م هڪئي ديوار آهي اڄ به حيدرآباد م عزاداري جو هڪ پڙ هندو ڪڍندا آهن هنن درگاهن تي هي ٿيندڙ حملا سنڌ جي صدين پراڻي صوفياڻي رواداري ۽ مساوات واري تشخص کي هٿراڌو طريقي ...

سنڌي شاعري - peotry collection 2021

Image
 Here u can find the miscellaneous poetry's of the different poets of all the moderen nd ancient times of Sindhi literature on different topics and issues which has love,emotions, sorrows,pains,fears,sadations,cheers, feelings,joys,charms, Passion, everything a human faces during his while stage of life from childhood to old age & every moment of joy love & sorrow of the beloveds, relatives, society is you will find here & expresions of the emotions in the way of words by the poets,Poets are so much senstive than other human beings nd they have a unique mentality to observe things differently from other people and to analyze with the poetic eye with heart more dominantly then the mind & when their emotions become over such over flow of emotions creates poetry in the form of such words which become historical poetic versions. شاعر ڪنهن به سماج جا اهي حساس فرد هوندا آهن جن جن جو نقطئ نظر سماج جي عام انسانن کان بالڪل مختلف هوندو آهي، سندن اکيون دل جي نظر سان هر هڪ شيءِ...

ارڙھين ترميم تي عملي طور عمل ڪيو وڃي

Image
  ارڙھين ترميم تي عملي طور عمل ڪيو وڃي ڪالھ ڪراچئ م دائود انجينيئرنگ يونيورسٽِي ۽ يو اين ڊي پي طرفان سنڌ سرڪار جي سهڪار سان تيل ۽ گئس تي حقن بابت ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ڪرائي وئي جنهن ۾ وفاقي وزير تيل۽ گئس شاهد خاقان عباسي، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، سينيٽر رضا رباني، حاصل بزنجو، افراسياب خٽڪ، تاج حيدر، ابرار قاضي، دائود يونيورسٽي جي وي سي فيض الله عباسي ۽ ٻين قانوني ماهرن شرڪت ڪئي، جنھن م سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاھ،رضا رباني ۽ ابرار قاضي  سنڌ جي ڪيس کي تمام ڀرپور نموني دليلن سان پيش ڪري سنڌ عملي طور نمائندگي ڪئي، پ پ جي گذريل دؤر م جيڪا ارڙھين ترميم منظور ڪري صوبن کي خودمختياري ڏني وئي ھئي اھا ڪالھ سموري ڪانفرنس جو موضوع رھي ۽ ٽنھي صوبن جا اڳواڻ پنھنجي وسيلن جي مالڪي عملي طور نھ ملڻ ڪري جھڙوڪ ڪالھ دانھون ڪندي نظر آيا، ڪالھ قائم علي شاھ وفاقي وزير شاھد خاقان عباسئ آڏو وفاق بابت داھيندي چيو تھ 18 هين ترميم جي آرٽيڪل 172 جو اصل مطلب صوبن کي وسيلن تي برابر حق ڏنا وڃن آهي پر ان آرٽيڪل جي غلط بياني ڪئي وڃي ٿي، سنڌ 70 سيڪڙو گئس ۽ 60 سيڪڙو تيل پيدا ڪري ٿو، مطلب ته سنڌ جو ملڪي پيداو...

شيخ اياز ،سنڌ جو ھڪ عظيم شاعر

Image
  شيخ اياز ،سنڌ جو ھڪ عظيم شاعر ڊسمبر جو مھينو ھوئن تھ وڇوڙن جو مھينو تصور ڪيو و سنيندو آھي پر سنڌ لاءِ ھي مھينو اذيتن،درد،پيڙائن،ڏک،رنج ۽ ماتم ڪرڻ مثل آھي جو ھن مھيني سنڌ جي مامتا جھڙي وجود کي ڏاڍا گھاؤ ڏنا آھن، ڊسمبر جي مھيني سنڌ کان پنھنجا ڪونڌر سپوت کسيا آھن، سرمد سنڌي جھڙي  منصوري آوازجي خوفناڪ ايڪسيڊنٽ م ٿيل موت کان وٺي محترمھ بينظير جي دردناڪ شھادت جا يا وري سنڌ جي ويھين صدي جي ھڪ مھان ڪوي شيخ اياز تائين جي موت جھڙا زخم ھن ئي مھيني سنڌ کي مليا آھن، اھڙا املھھ انسان اسان کان ھن مھيني کسيا جن جو خال سنڌ اڃا تائين نھ ڀري سگھي آھي، شيخ اياز جو جنم سنڌ جي پيرس سڏجندڙ شھر شڪارپور م ٿيو،سندس پورو نالو مبارڪ علي شيخ ھو،پر شيخ اياز بطور شاعر جي ھن تخلص استعمال ڪيو،ھن وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ انھي پيشي سان ئي سکر مان شروعات ڪيائين پر وڪالت کان وڌيڪ شاعري م ھن اعلي مقام حاصل ڪيو، ھو ھڪ عظيم ڪردار ھو جنھن پنھنجي شاعري جي ذريعي سنڌ کي ھڪ نئون روپ ڏئي نوجوان نسل اڳيان پيش ڪيو، اياز سنڌ جي سرزمين تي اھو ساز ۽ آواز آھي جنھن ماضي م تھ پاڻ مڃايو پر مستقبل م جيسين سنڌ ڌرتي رھندي تيسين ايا...

گھوٽڪي سنڌ جو صنعتي ضلعو ۽ عوام جو درد

Image
  گھوٽڪي سنڌ جو صنعتي ضلعو ۽ عوام جو درد   اتر سنڌ جو آخري ڇيڙو ضلعو گھوٽڪي بھ آھي جنھن جي اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا م ھڪ عام سڃاڻپ قبائلي جھڳڙن،ڪارو ڪاري جھڙين ڪڌين رسمن م ويڙھيل سماج ۽ سرداري،وڏيرڪي،جاگيرداراڻي ۽پيراڻي اثر ھيٺ رھندڙ ضلعي طور ٿئي ٿي پر ھن ضلعي جي ھڪ ٻي سڃاڻپ بھ آھي اھو آھي ھن ضلعي جي قدرتي وسيلا ۽ ملڪ جا اھم ضنعتي ادارا، تيرنھن لک جي لڳ ڀڳ آبادي رکندڙ ھن ضلعي م مجموعي طور ھيٺيان وڏا ادارا آھن جيڪي ھن ضلعي جي ڏيھ توڙي پرڏيھ م سڃاڻپ جو سبب آھن، ملڪ جي ٻي وڏي گئس فيلڊ قادرپور گئس فيلڊ، ماڙي گئس فيلڊ، فوجي فرٽيلائزر پلانٽ، اينگرو پاور پلانٽ، لبرٽي پاور پلانٽ شامل آھن انکان علاوھ ٽي شگر ملون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڪاٽن،فلور،رائيس ۽ آئل ملون اھن جيڪي سڀ مين رود سان اوھانکي واضھ نطر اينديون، گھوٽڪي ضلعو ڪراچئ کانپوءِ سنڌ جو ٻيون سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ضلعو آھي جنھن جو ساليانو اندازو لڳ ڀڳ ڇٽيھ ارب رپيا ٽيڪس ملڪ جي سرڪاري خزاني م وڃي ٿو،رڳو قادرپور گئس فيلد مان روزانھ سٺ ڪروڙ جي گئس ڪڍي ملڪ جي سڀني علائقن کي سپلائي ڪئي وڃي ٿي، ھتي جون زمينون بھ تمام زرخيز آھن ۽ ھن ضلعي م ...